ڪي پي ايل راولا ڪوٽ کٽي ورتي، مظفرآباد کي شڪست

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) ڪشمير پريميئر ليگ جي فائنل ميچ شاهد آفريدي جي ڪپتاني ۾ راولا ڪوٽ هاڪس مظفرآباد ٽائيگرز کي شڪست ڏئي کٽي ورتي. محمد حفيظ جي سربراهي ۾ مظفرآباد ٽائيگرز کي اڳ ۾ کيڏندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي راولا ڪوٽ 170 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. ڪاشف علي 54، بسم الله خان 30، صاحبزادو فرحان 28 ۽ عمر امين 23 رنز ٺاهي نمايان رهيا.

محمد حفيظ ۽ اسامه مير ٻه 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ مظفرآبد جي ٽيم 162 رنز ٺاهي سگهي ۽ 7 رنز تان کين شڪست ملي.ذيشان اشرف 46، محمد حفيظ 29، وسيم جونيئر22 ۽ سهيل تنوير 21 رنز اسڪور ڪيون. آصف آفريدي ۽ حسين طلعت ٽي ٽي ۽ شاهد آفريدي کي 2 وڪيٽون مليون.

https://twitter.com/kpl_20/status/1427720543600619521

پهنجو تبصرو موڪليو