ڪي ايم سي جا 2 ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ وصول ڪري، شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي ايم سي جا رڳو 2 ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ جي بل ۾ وصول ڪيا وڃن ته ساليانو 9 ارب روپيا وصول ٿيندا. اها رقم ڪي ايم سي لاءِ ڪافي آهي ۽ پوءِ صوبائي حڪومت جي مالي مدد جي ضرورت نه پوندي. اهڙو اظهار هن ٻنهي ادارن جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب زبردست ڪم ڪيو آهي هو ڪي ايم سي کي پاڻ ڀرو ڪرڻ چاهي ٿو. ڪي اليڪٽرڪ جا 25 لک 60هزار صارف آهن، فائر ۽ ڪنزويسي ٽيڪس 100 ۽ 200 روپيا ماهوار صارفين کان وصول ڪيا ويندا. ان لاءِ قانوني تقاضا پوري ڪئي ويندي. ڪي ايم سي هن وقت 13 قسمن جا ٽيڪس وصول ڪري ٿي ۽ اوڳاڙي 21 ڪروڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو