ڪيچ ۾ چيڪ پوسٽ تي حملو 2 فوجي شهيد، سرچ آپريشن جاري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن بعد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لانس نائيڪ منظر عباس ۽ سپاهي عبدالفتاح شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب لانس نائيڪ منظر عباس شهيد جو تعلق خوشاب ۽ شهيد سپاهي عبدالفتاح جو تعلق خضدار سان آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل دهشتگردن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن جي دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو