ڪينجهر ۾ مڇي جو بيجارو ڇڏڻ جي تقريب

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)ڪينجھر ڍنڍ ۾ فشريز کاتي پاران ماھيگيرن جي روزگار ۾ اضافو ڪرڻ لاء مڇي جو ٻيجو ڇڏڻ وارو سلسلو جاري، جتي ڪينجھر ڍنڍ جي رھواسي مھاڻن پاران فشريز کاتي کان مقامي مھاڻن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي. ورلڊ بينڪ جي تعاون سان فشريز کاتي پاران ورلڊ بينڪ جي وفد جي موجودگي ۾ ڪينجھر ڍنڍ ۾ 5 لک موراکي، ڪرڙي ۽ گلفام جو ٻج ڇڏيو ويو.  ان موقعي تي فشريز کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل مير الهداد ٽالپر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ورلڊ بينڪ جي تعاون سان سنڌ جي چئن وڏين ڍنڍن ۾ مڇي جو ٻج ڇڏيو پيو وڃي، فشريز کاتي پاران سال 2019ع ۾ 60 لک مڇي جو ٻج ڇڏيو ويو آھي. جڏھن ته ھلندڙ سال 80 لک کان مٿي مڇي جي ٻج ڇڏڻ جو پروگرام آھي، ٻن ھفتن ۾ داخلي ۽ خارجي رستن کي ڄاريون لڳايون وينديون. ھن چيو ته ڍنڍ تي رھندڙ مقامي مھاڻا ئي ڍنڍ جا اصل مالڪ آھن، سنڌ حڪومت سندن روزگار سميت فلاح و بھبود لاءِ منصوبا جوڙيا آھن،

Putting fish seed in Keenjhar lake of Sindh, Photo Sindhyar

ڍنڍ کي بچائڻ لاءِ مھاڻا به پنھنجو ڪردار ادا ڪن. ھن چيو ته تاريخي ڍنڍ ۾ اڳ ۾ روزانو ھزارين ٽن مڇي نڪرندي ھئي، جيڪا ڪجھ وقت اڳ ساليانو صرف 17 ٽن مڇي نڪري پئي، پر ھاڻي مڇي جو ٻيجو ڇڏڻ بعد ھِن وقت 100 ٽن کان مٿي مڇي ڍنڍ مان نڪري رھي آھي، جنھن کي پراڻو اوج ڏياربو. ان موقعي تي سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو چيو ته ڪينجھر ڍنڍ ۾ مڇي ڇڏڻ سٺو عمل آھي پر ان سان گڏ ڪينجھر ڍنڍ جي ماھيگيرن جي بنيادي مسئلن تي به ڌيان ڏنو وڃي، مھاڻا انيڪ مسئلن کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھن چيو ته ڪينجھر ڍنڍ جي داخلي ۽ خارجي رستن ۾ ڄاريون يا جھاليون نه ھجڻ ڪري مڇي واھن ذريعي نڪري وڃي ٿي ۽ ڍنڍ ۾ مڇي جي افزائش نٿي ٿئي. ھن چيو ته سنھي ڄار جي استعمال تي پابندي پيل آھي، جيڪو به سنھي ڄار جو استعمال ڪري ٿو، ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ھن چيو ته ڍنڍ تي ھڪ اٿارٽي قائم ڪئي وڃي، جنھن ذريعي مقامي مھاڻن جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪينجھر ڪنزرويشن نيٽ ورڪ جي اڳواڻن انيس هيلايو، ارشاد عمر گندرو چيو ته ڪينجھر ڍنڍ 50 ھزار مقامي مھاڻن جي روزگار جو واحد ذريعو آھي، ڪجھ وقت اڳ سماجي اداري جي تعاون سان داخلي ۽ خارجي رستن ۾ عارضي جھاليون لڳايون، جنھن جي ڪري ھڪ سال اندر مڇي جي افزائش سٺي ٿي آھي ۽ ماھيگيرن جي روزگار ۾ اضافو ٿيو آھي، ماھيگيرن لاءِ تعليم ۽ صحت جون سھولتون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي اسپيشلسٽ ٽاسڪ فورس سيڪريٽريٽ ڪراچي آفيس جو اصغر سومرو، مھتاب ڀٽي، مريم حيات، نويد ميمڻ، يورپي يونين جو مدثر احمد، فشريز کاتي سکر ڊويزن جو ڊائريڪٽر ذوالفقار علي لاڙڪ، ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز ڪينجھر ٺٽو غلام قادر جمالي، ملاح اڳواڻ عبدالحڪيم گندرو، حاجي محمد سومار گندرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو