ڪينجهر واقعي جو ڪيس داخل، ناکئو گرفتار، سير تي بندش

ٺٽو( رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ ) ڪينجھر ڍنڍ ۾ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جي 10 ڀاتين جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ڪينجھر ٿاڻي تي داخل ڪري ناکئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس پاران ٻيڙي جي گرفتار  ناکئي جبار ٽويو خلاف غفلت لاپرواھي ۽ لالچ جي الزامن ھيٺ ڪيس داخل ڪري کيس ٺٽي جي عدالت ۾ پيش ڪري ٿرڊ سول جج ٺٽو جي عدالت مان وڌيڪ جاچ لاءِ چئن ڏينھن جو جسماني رمانڊ ورتو آهي. ٻئي طرف انتظاميه ڍنڍ ۾ ٻيڙين تي سير ڪرڻ ۽ ٽيوبن تي وھنجڻ تي پڻ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.  ڊي سي ٺٽو محمد عثمان تنوير جو ڇوڻ آهي ته ٻيڙين جي رجسٽريشن ۽ حفاظتي سھولتن جي انتظامن تائين پابندي جاري رهندي. وڏي وزير جي حڪم تي ڊي سي ٺٽو پاران ڪينجھر سانحي جي ابتدائي جاچ رپورٽ به تيار ڪري ورتي آھي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اصل سبب لالچ ۽ لاپرواهي آهي. حفاظتي اپائن کانسواءِ سير تفريح هلي رهي هئي. ياد رهي ته گذريل ڏينھن ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ ڪري ڪراچي کان پڪنڪ لاء آيل ٽي ٻارڙيون ۽ 7 عورتون ڪينجھر ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿيون هيون ۽ ٽن کي بچايو ويو ھو. ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو چيو آھي ته ڪينجھر ڍنڍ تي ھي پھريون سانحو ناھي، ھن کان اڳ ۾ به سانحا ٿي چڪا آھن، جيڪي ڏکوئيندڙ واقعا آھن. ھن چيو ته ھن سانحي ۾ رڳو ٻيڙي واري ناکئي کي سمورن ماڻھن جي موت جو ذميوار قرار ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آھي، جنھن ۾ ضلعي انتظاميه، مقامي پوليس سميت ڪينجھر ڍنڍ تي ڪم ڪندڙ سمورا ادارا به اوترائي ذميوار آھن. انتظاميه ڪينجھر ڍنڍ تي سرڪاري سطح تي ٽوٻا مقرر ڪري، جيڪي ماڻھن جون امڪاني حادثن ۾ جانيون بچائي سگھن. ھن چيو ته انتظاميه کي گھرجي ته ٻيڙين لاءِ الڳ جيٽي مقرر ڪري اتي ٻيڙين سميت سفر ڪندڙ ماڻھن جي رجسٽريشن ڪري سيٽ باءِ سيٽ ماڻھن کي ٻيڙين ۾ کڻڻ گھرجي، غريب ماڻھن جو روزگار بند نه ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو