ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه، ٻن سڳن ڀائرن سميت 17 فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي ۾ مهراڻ ٽائون ۾ سوٽ ڪيس ٺاهيندڙ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ضابطواچي ويو آهي. فيڪٽري مان ٻاهر نڪرڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي، شيشا ڀڃي ماڻهن کي ڪڍيو ويو.باهه لڳ سبب سڙي فوت ٿيلن جو  انگ 17 ٿي ويو، ڪجهه پورهيت عمارت ۾ ڦاٿل آھن، امدادي ڪاررواين دوران 2 رضاڪار به سڙي زخمي ٿي پيا، انتظاميا موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ واقع ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه لڳي، عمارت جا ڪجهه حصا ڪرڻ سبب پورهيتن جي دٻجي وڃڻ جو خدشو آھي. فائر برگيڊ جو عملو باهه وسائڻ ۾ رڌل آھي، فوت ٿيلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، رينجرز به پهچي وئي آهي. مري ويلن ۾ هڪ گهر جا 4 ڀاتي به شامل آهن جن مان 2 سڳا ڀائر هئا. .

پهنجو تبصرو موڪليو