ڪيليفورنيا ۾ ڊالرن جي برسات، عوامي هجوم گڏ ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي هاءِ وي تي ڊالرن سان ڀريل ٽرڪ جو دروازو اوچتو کلي  ويو، جنهن سان روڊ تي ڊالرن جي برسات شروع ٿي وئي پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي شهر سين تياگو جي انٽر اسٽيٽ هاءِ وي 5 تي اوچتو ٽرڪ جو دروازو کُليو ۽ هر طرف نوٽ ئي نوٽ پکڙجي ويا. روڊ تي پنهنجي منزل ڏانهن ويندڙ گاڏين ۾ سوار ماڻهن به موقعي جو فائدو وٺندي گاڏيون روڪيون ۽ ڊالر جمع ڪرڻ شروع ڪيا. روڊ تي ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويو. پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو اها رقم واپس ڪن اها انشورنس وارن جي آهي، پوليس هڪ جوڙي کي گرفتار به ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو