ڪيس ڪوڙو آهي، سال ۾ به ڪيس فائنل نه ٿيو، شاهه

سکر (جئيرام داس )آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس، خورشيد شاھه ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿيو، ٻڌڻي ملتوي، احتساب عدالت ۾جوابدارن ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا، ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته حڪومت اسحاق ڊار کي لنڊن مان نه گهرائي سگهي ته نوازشريف کي ڪيئن گهرائيندي، هن چيو ته ڪرپشن ته پري جي ڳالهه آهي مون ته اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ تي به الائونس نه ورتو هو. سڀ ڏسي رهيا آهن ته مون سان ناانصافي ٿي رهي آهي پر رات کان پوءِ صبح ضرور ٿيندي آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته نيون نيون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون. مون تي ڪيس ڪوڙو آهي، 12 مهينا گذرڻ باوجود ريفرنس فائينل ناهي ڪيو ويو، سکر جي عوام 8 ڀيرا ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، سڀ ڄاڻن پيا ته مون سان ناانصافي پئي ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو