ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جوابدار ڌمڪيون ٿا ڏين، تحفظ ڏيو

نوشهروفيروز(ڊ ر)  پڊعيدن جي شهيد صحافي علي شير راڄپر جي ڀاءُ دائود خان راڄپر پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مون کي ۽ منهنجي گهرڀاتين کي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا. هن چيو ته 26 مئي تي شام جو جوابدار غلام علي راڄپر جو ڀائيٽو ٻن نامعلوم ماڻهن سان گڏجي منهنجو پيڇو ڪيو ۽ مون مٿان سڌا فائر به ڪيا پر اچانڪ ڪوٽ لالو پوليس جي اچڻ تي جوابدارن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس هڪ جوابدار سجاول کي موقعي تي گرفتار ڪري سندن مٿان ايف آءِ آر به داخل ڪئي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون کي ۽ منهنجي گهرڀاتين کي تحفظ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو