“ڪو به شخص جج خلاف انڪوائري جو حڪم نٿو ڏئي سگهي”

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته صدر پاڪستان ۽ قانون واري وزير سميت ڪو به شخص ڪنهن به اداري کي جج جي خلاف انڪوائري جو حڪم ٿو ڏئي سگهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران رضا رباني عدالت کي ٻڌايو ته هو آرٽيڪل 209 (5 ۽ 6) بابت ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هنن شقن هيٺ ڪنهن به جج خلاف انڪوائري صرف سپريم جوديشل ڪائونسل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جي انڪوائري جو حڪم اثاثا سيل وارن پاڻ ڪئي آهي جيڪا غلط آهي. هن وڌيڪ چيو ته ججن خلاف ريفرنس جي حوالي سان 10 مئي 2019 جو ڏينهن انتهائي اهم آهي جنهن ڏينهن ججن خلاف جادوئي طور ڪاروائي ٿي هئي. رضا رباني چيو ته ججن کي ڀرتي ڪندڙ يعني صدر پاڪستان هٽائي نٿو سگهي ڇو ته آئين ۾ ججن جي هٽائڻ جو طريقو واضع ٿيل آهي جيڪو سپريم جوڊيشل ڪائونسل ذريعي ئي هٽائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ججن جي تعيناتي جي مدت جو تحفظ اتهائي ضروري آهي ۽ اها محفوظ نه هجي ته عدليه آزاد نٿي ٿي سگهي. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته ڇا آئين موجب صدر انتظاميه جو حصو ناهي هوندو؟ ڇا ريفرنس ۾ صدر جو ڪردار پوسٽ آفيس وارو رٻڙ اسٽيمپ آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر کي صرف رٻڙ اسٽيمپ قرار ڏيڻ سنگين معاملو هوندو. جنهن تي رضا رباني چيو ته عدالتي سوالن جا جواب پنهنجي دليلن جي آخر ۾ ڏيندس. هن چيو ته وقت سان گڏ گڏ صدر جا اختيار محدود ڪيا ويا آهن. جنهن جو مقصد انهن جي غلط استعمال کي روڪڻ آهي. هن چيو ته ضياءَالحق صدارتي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو هو. عدالت سياسي فورم ناهي ان ڪري ان بابت وڌيڪ نٿو ڳالهايان پر اهو ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو ته ماضي ۾ صدارتي حڪم تي ريفرينڊم ٿيندا رهيا آهن. ليڪن هاڻي ريفرينڊم لاءِ صدر کي سفارش پارليمان ۾ موڪلڻي هوندي آهي ۽ ان جي منظوري بعد ئي صدر حڪم جار ي ڪندو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آئين ۾ صدر کي صوابديد اختيار به آهن ۽ اوهان جا دليل منير اي ملڪ جي موقف سان ٽڪراءَ ۾ آهن. رضا رباني چيو ته ججن خلاف انڪوائري جو اختيار پارليمان پاڻ وٽ ناهن رکيا ۽ عدليه جي آزادي خاطر صرف جوڊيشل ڪائونسل کي ڏنا آهن. هن معاملي ۾ صدر کي صرف وحيد ڊوگر جي شڪايت جو جائزو وٺڻ گهرجي ها. جسٽس فيصل عرب چيو ته ڇا صدر لاڳاپيل مواد کانسواِءِ ريفرنس موڪلي ڇڏي ها؟ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته بظاهر لڳي ٿو ته صدر کي ٺوس مواد مهيا ڪيو ويو هو؟ مواد قانوني طريقي سان گڏ ڪيو ويو يا نه اهو علحده معاملو آهي. جج وڌيڪ چيو ته توهان چئو ٿا ته جوڊيشل ڪائونسل انڪوائري ڪري سگهي ٿي ڇا ان باري ۾ جج کي نوٽيس جاري ڪرڻ غلط آهي؟ ڇا جج کي الزامن جو جواب نه ڏيڻ گهرجي؟ هن وڌيڪ چيو ته جوڊيشل ڪائونسل خلاف آئيني درخواستون ڪيئن قابل سماعت آهن؟ ڇو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جج خلاف مواد گڏ ڪرن جو حڪم ڏئي سگهي ٿي ۽ اهو مواد استغاثه ئي فراهم ڪندو آهي. رضا رباني چيو ته هو عدالتي ريمارڪس بابت سڀاڻي جواب ڏيندو ۽ ڪوشش ڪندو ته هو پنهنجا دليل مڪمل ڪري. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو