ڪوڙي ڪيس ۾ مڙس گرفتار آهي، انصاف ڪريو، ياسمين

ٺٽو)رپورٽ ـ جاويد لطيف ميمڻ)ٻھارا شھر جي رھواسڻ ياسمين زال امام بخش ڪامراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته منھنجو مڙس امام بخش جيڪو ٻھارا شھر۾پھرين ڪباب وڪڻندو ھو ۽ ڪڏھن درياه جي مزدوري ڪڏهن کليل مزدوري ڪندو آهي پنجويھ ڇويھ ڏينهن ٿيندا ته آئون تازو ٻار جو آپريشن ڪرائي پنھنجي ٻن معصوم ٻارڙن سميت گھر۾ دروازو کولي ليٽي پئي ھئس ته منھنجي مڙس ماني پئي پچائي ته 125موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن اسان جو در کڙڪايو۽وري واپس ھليا ويا ان کان بعد ساڳئي ھمراھن اچي اسان جي گھر اڳيان فائرنگ ڪئي جنھن مان ڪجھ گوليون اسان جي گھر جي دروازي کي لڳيون ۽ چار گوليون پالتو ڪتي کي لڳيون جنھن کان پوءِ منھنجي مڙس پوليس پوسٽ ٻھارا کي فون ڪئي ۽ پوليس ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ منھنجي مڙس سان بدتميزي ڪئي جنھن کان پوءِ صبح ٿيندي مون کي۽ منھنجي مڙس کي ساڪرو ٿاڻي تي گھرايو ويو جتي اسان سان انصاف ڪرڻ جي بجاءِ ايس ايڇ او ميرپور ساڪرو انچارج پوليس پوسٽ ٻھارا غلام حيدر جانوري مون کي ۽ منھنجي مڙس۽ ٻن  معصوم نياڻين کي لاڪپ ۾بند ڪري ڇڏيو ۽ جنھن کان پوءِ شام جي وقت مون کي ۽ منھنجي ٻن معصوم نياڻين کي آزاد ڪري مڙس کي لاڪپ ڪري ڇڏيو ٻي ڏينهن صبح جو پوليس منھنجي گھر تي آئي ۽ مون کي ٻڌايو ته تنھنجي مڙس کي منشيات۽ ڊيوٽي اٽڪاء جي ٻن ڪيسن۾چالان ڪري ڇڏيو آهي جنھن کانپوءِ ٻھارا شھر مان مون ڦوڙي ڪري منھنجي مڙس جي ضمانت ڪرائي آهي جنھن جي لاءِ مون وٽ ضمانت لاءِ ڪاغذات نه آهن آئون سرندي وارن۽ سياسي سماجي ڌرين کي اپيل ٿي ڪريان ته منھنجي مڙس جي آزادي لاءِ شوروٽي جي ڪاغذن جو بندوبست ڪري ڏنو وڃي جيئن ھن کي آزاد ڪرائي سگھان ھوڏانھن ھن اھو پڻ چيو آهي ته منھنجي مڙس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او ميرپور ساڪرو۽ پوليس پوسٽ ٻھارا جي انچارج خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو