ڪوڙي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ تي صحافين ضمانت ڪرائي ورتي

ملير (ن سنڌيار)ملير جي صحافين شهزادو مستوئي سميع ابڙو سميت ٻين مٿان داخل ڪوڙي ڪيس مان ملير جي عدالت 20 هزار رپين ۽ موٽر سائيڪل جي ڪاغذن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي ڪراچي سان لاڳاپيل صحافين جي ملير ليبر اسڪوائر ۾ گڏجاڻي ٿي گذري گڏجاڻي ۾ سينيئر صحافي زوهيب زرداري رائو جميل علي بليري حور بخش مري ضمير مشهوري بلاول ابڙو حق نواز سومرو اياز واريو آصف ابڙو نهال ابڙو آصف سڌو نعمت ﷲ سماجي اڳواڻ جاويد عارفاڻي پ پ اڳواڻ سهيل رنڌاوا سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ ٽي رڪني ڪميٽي قائم جيڪا ڪوڙي ڪيسن بابت آئي جي سنڌ ڊي جي رينجرس ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ڊي آئي جي ايسٽ سميت لاڳاپيل اعلي’ آفيسرن سان ملاقات ڪري کين لکت ۾ درخواستون جمع ڪرائيندا ٻئي مرحلي ۾ ايس ايڇ او شاهه لطيف اسرار حسين ٻرڙو پاران لينڊگريبرن ۽ منشيات فروشن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ علائقي ۾ هلندڙ تمام غيرقانوني ڪمن جي ثبوت سان خبرون هلائڻ ۽ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ٽئين مرحلي ۾ داخل ڪوڙي ڪيس خلاف وڪيلن سان گڏجاڻي ڪري ايس ايڇ او شاهه لطيف خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اعلي’ آفيسرن ۽ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو