ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن، ايس يو پي

ملير (شهزادو مستوئي) 3 ڏينھن اڳ ڪشمور ضلع ۽  تنگواڻي ۾ بد امني خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن تي پوليس جي چڙھائي تشدد ۽ گرفتارين خلاف ايس يو پي ضلع اولھ جي صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، جنرل سڪريٽري شبيراحمد راڄپر، فاروق ڀنگوار، محمد حاصل مري، محمد علي بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪري ريلي ڪڍي گل ڳوٺ جي مين چوڪ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت ايس يو پي جي سياست  کان خوفزده آھي پ پ حڪومت پارٽي خلاف پوليس کي استعمال ڪري پر امن ڪارڪنن مٿان تشدد ڪرائي گرفتاريون ڪري ايس يو پي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي پر اسان سنڌ پوليس جي آءِ جي کي چتاءُ ٿا ڏيون ته اوھان جي پوليس پ پ جي ونگار وھڻ ڇڏي ڏئي. هن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته ڪشمور ضلع جي پوليس تنگواڻي جي بھادر اڳواڻ رحمدل لاشاري، امداد لاشاري، بخت علي ڏاھاڻي، صابرعلي لاشاري، اسماعيل ۽ ٻين 20 ڪارڪنن مٿان دھشت گردي ايڪٽ  تحت 2 ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪري 10 ڪارڪنن تي سخت تشدد ڪري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي جنھن ۾ 4 ڪارڪن شديد زخمي آھن.اسان جو مطالبو آھي ته پوليس جي بدمست اھلڪارن تي ڪيس داخل ڪري ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو