ڪوڙا ڪارڊ اسڪينڊل جا جوابدارن رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ غير ملڪين کي غيرقانوني ۽ ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري اسڪينڊل ۾ گرفتار نادرا آفيسرن ۽ ايجنٽن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو. جوابدارن ۾ اشفاق خان، خيال خان، محمد رسول، اختر محمد، محمد ابراهيم، عبدالوهاب ۽ افروز علي شامل آھن، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار نادرا آفيسرز رشوت وٺي ايرانين، برمين، بنگالين ۽ افغانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا، ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سيل ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو