ڪوڙا الزام هڻڻ کان اڳ نيب وارن کي شرم اچڻ گهرجي،عباسي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اٽي ۽ کنڊ جا اگهه آسمان تي پهتاآهن. اڄ 53 روپين جي کنڊ 110 روپين ۾ ملي رهي آهي. اڍائي سئو ارب روپيه پاڪستان جي عوام جي کيسي مان وڃي چڪا آهن. ڪميشن بڻي ته کنڊ 65 روپين جي هئي پر اڄ 110 روپين جي آهي. 35 روپين جو اٽو 75 روپين جو ملي رهيو آهي. پر ڪنهن کي ڪو به فڪر نه آهي. حڪومت کي گهر موڪلڻ اپوزيشن جي ذميواري آهي. اي پي سي ۾ صلاح مشوري کان پوءِ لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايل اين جي ضمني ريفرنس بابت ڪيس ۾ پيش ٿيڻ بعد صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته مٿس ڪوڙا الزام لڳايا ويا ته مون کي ڪنهن ڀارتي ڪمپني پئسا موڪليا. ايترو وڏو ڪوڙ ڳالهائڻ کان اڳ نيب کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان نيب کان نٿا ڊڄون ۽ نه ئي وري گهٻرايون ٿا سپريم ڪورٽ جو جج نيب جو چيئرمين آهي ڇا هو قانون ۽ حقيقتن کان آگاهه نه آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته مسلم ليگ(ن) پنج سال عوام جي خدمت ڪئي. عمران خان ۽ نيب مسلم ليگ(ن) جي خلاف ڪوبه هڪ ڪرپشن جو ڪيس سامهون کڻي اچن. هن وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ته موجوده حڪومت ڪري رهي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب پاران جاچ به ٿيڻ گهرجي ۽ عدالت  ۾ ڪيمرا لڳائي پاڪستان جي عوام کي  به ڏيکاريو وڃي ته ڪهڙي ڪرپشن ٿي آهي.ليگي اڳواڻ چيو ته 2 سالن کان ڪنهن به حڪومتي شخصيت جي خلاف جاچ ناهي ٿي. عوام هن حڪومت جي حقيقت کي سمجهي چڪي آهي ۽ هاڻ اسان جو فرض بڻجي ٿو ته اسان هن ڪرپٽ حڪومت کي گهر موڪليون. ان کان اڳ عدالت سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 22 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو