ڪوچ جي ٽڪر ۾ 12 سالن جو نينگر فوت

مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي)آمري ڀرسان  ڪوچ جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ واٽھڙو نينگر فوت لاش گهرپهچڻ تي ڪهرام  مچي ويو. انڊس هاء وي  تي ڪراچي کان سيوهڻ ويندڙ  ڪوچ جي  زوردار  ٽڪر ۾  روڊ پار ڪندڙ واٽھڙو  12 ورهين جو سڪرنڊ واسي نينگر سجاد احمد چانڊيو   سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي ماڻھن هيلٿ سينثر سن منتقل ڪيو ت  رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي مڙھ کي سڪرنڊ کڻائي پهتا ت گهر ۾َڪهرام مچي ويو. آمري پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو