ڪوٽ لالو، پڊعيدن ۽ پير وسڻ پوليس خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) پير وسڻ ۾ پوليس خلاف عورت جو ٻارن سميت، ڪوٽ لالو ۽ پڊعيدن پوليس خلاف واپارين ۽ شھرين احتجاجي مظاهرا ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو. ***پڊعيدن مان مجاهدشر موجب هفتو اڳ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد جلالجي فيض گنج واھ وٽ ٽي نا معلوم موٽرسائيڪل ھٿياربندن پڊعيدن جي سيٺ افضل شيخ جي ريڪوري ڪندڙ گاڏي کي بيهاري 5 لک کان وڌيڪ روڪ رقم موبائيل فون، گاڏي جا ڪاغذات آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. جنهن کي اڄ 8 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪوٽ لالو پوليس ڪجهه ناهي ڪيو. واپارين عبدالله شيخ، مولوي نصيراحمد سولنگي، سيٺ اياز علي راڄپر، فيض محمد جانوري اسدالله ملڪ، نواب نديم اڄڻ ۽ ٻين پڊعيدن سٽي پريس ڪلب سامهون هٿن ۾ بينر کڻي ڪوٽ لالو ۽ پڊعيدن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن آئي جي سنڌ  ايس ايس پي خيرپور ۽ اعلي عملدارن کي پرزور اپيل ڪئي ته ڦر ٿيل رقم ۽ موبائيل فون گاڏي جا ڪاغذ واپس ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ 10تاريخ سومر تي مهراڻ نيشنل هائي وي  جلالجي اسٽاپ وٽ روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويندو. *** ٺري ميرواهه مان زاهد شر موجب پير وسڻ پوليس جي زيادتين خلاف مسمات طاهرا بيبي ٻارن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن صحافين کي ٻڌايو ته پيروسڻ پوليس اهلڪار فيض محمد شر ۽ غازي لاشاري،  طفيل احمد سيال تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، هن وڌيڪ چيو پوليس رشوت گهري پئي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي ۽ ڄاڻايل پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ٺري ميرواهه لڳ ڳوٺ حاجي خان دستي جي رهواسي غلام رضا ولد غلام مصطفيٰ دستي غربت کان تنگ ٿي ڪارو پٿر پي ڇڏيو جنهن کي علاج لاءِ لاڙڪاڻو ريفر ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو