ڪووڊ ــ 19 ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي، جي اهميت

ليکڪ   جاويد سولنگي

ڪووڊ 19 دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي معاشي طور ڪمزورڪري ڇڏيو آهي، دنيا جا امير ترين ملڪ به هن جي اثرن کان متاثر ٿيا آهن ۽ معيشت کي وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهن. اسان جو ملڪ پاڪستان هن وبا کان سخت طرح سان سماجي ۽ معاشي حوالي سان متاثر ٿيو آهي.اسان جي زندگي گذارڻ جا طورطريقا،ميل ميلاپ، ڪم ڪرڻ،اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ ايتري تائين جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جو اندازئي بدلائي ڇڏيو آهي.سڀ کان وڏي ڳالهه ته صدين کان رائج عبادت جا طور طريقا به مٽائي ڇڏيا آهن. هن وبا اسان کي سوچڻ، حالات کي سمجھڻ ۽ مستقبل جي لاءِ اهڙي ئي رٿابنديءَ جي ضرورت محسوس ڏياري آهي، جهڙي رٿابندي اسان ترقياتي ڪمن لاءِ ڪندا آهيو.روزگارجا مختلف هُنرَ پيدا ڪرڻ ۽ ڳولڻ شروع کان ئي معيشت جي ترقي لاءِ هڪ مسئلو رهيو آهي، ڪووڊ وبا جي ڦيلاءَ جي ڪري ڪيترائي ڪاروباريا ته مڪمل طور تي بند ٿي ويا يا وري ڪمزور ٿي ويا آهن. تعليم جو شعبوبه بري طرح متاثر ٿيو آهي، نتيجي طور اسڪول، يونيورسٽيون ۽ ٻيا تعليمي ادارا پڻ بند ٿي ويا آهن، جيڪي هاڻوڪي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن ۽ لاڪ دائون جي ڪري روزمره جي ڪمن ۾ به گھٽتائي آئي رهيا آهن، نتيجتن بيروزڪار ماڻهن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو ۽ پگھاردار طبقي سان گڏ ملڪي معيشت به سخت ماتثر رهي. ڪووڊ لاڪ ڊائون اسان کي گھرن ۾ بند ٿي ويهڻ سان گڏ اسان کي روزگار جو هڪ نئو،آرامده ۽ آسان هنر به سيکاريو، جنهن کي اسان گھر کان ڪم ڪرڻ يا ورڪ فرام هوم جي نالي سان سڏيو ٿا. ڪووڊ وبا جي دوران هن هنر جي تمام گھڻي اهميت رهي آهي. هي هُنرُ خاص طورتي ڊيجيٽل(انفارميشن ٽيڪنالوجي) جي استعمال سان واستو رکي ٿو ۽ آفيس جا يا ٻيا ڪم گھرن مان سرانجام ڏيڻ سيکاري ٿو. پاڪستان خاص طور تي سنڌ جو نوجوان هن نئي هنر جي استعمال کان پري رهي ڪري هڪ ته بيروزگاري ٿي ويو يا وري پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجھي گھر کان ٻاهر نوڪري وارو ڪم ڪندو رهيو. ٽيڪنالوجي انڊسٽري سروي 2018 جي مطابق، ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ 96000 کان 120000 تائين نوڪريون فري لانس کي ڇڏي ڪري حاصل ڪيوويون. سروي ۾ اميد ڏيکاري وئي آهي ته هي تعداد ايندڙ پنجن سالن جي دوران ٻه ڀيرا وڌيڪ ٿي ويندي. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ مطابق، 2019 جي ڪمپيوٽر جي هنرن مان پروگرامنگ جي هنرجي سڀ کان وڌيڪ گھرج رهي. هڪ ٻئي سروي (نقيب ڪنسلٽنگ) ان ڳالھ کي ظاهر ڪيو ته سافٽ وئير ڊولپمينٽ 2018 کان 2022 تائين سڀ کان وڌيڪ گھرج وران هنرن مان هڪ هنر هوندو. هن سروي جي ئي هڪ ٻئي ننڊي سروي مان، انفارميشن، ڪميونيڪشن ۽ ٽيڪنالوجي(آئي سي ٽي) وارن ادارن ٻڌايو ته هن هنر جي مارڪيٽ ۾ ٻئي نمبر تي گھرج آهي. ڏهن پاڪستاني شهرن ۾ موجود 300 کان وڌيڪ آئي ٽي جي ادارن کان به هن سروي جي تصديق ڪئي وئي. هنن سرويز مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊيجيٽل هنر سان پاڻ کي سرشار ڪرڻ وارن لاءِ روزگار جا سٺا موقعا موجود آهن به نسبت عام رواجي هنر وارن جي، خاص طور تي ڪووڊ جي دوران ۽ ان کان پوءِ به. جي ايس ايم اي جو اندازو آهي ته موبائل ماحولياتي سرشتي سئنيوسڌيون 2018 ۾ 450000 ماڻهن کي نوڪريون ڏنيو، هن شعبي ۾ روزگار جي اڃا به وڌيڪ گھرج آهي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن آپريشن جي ۾ نون منصوبن جئين فائبر ٽو پريميسس پليئرز(ايف ٽي پي پي)، 5جي ڪپمنين جي سيڙپڪاري وڌي رهي آهي، ٽيليوزن جي ڊيجيٽلائزيشن ( ٽن ڪمپنين کي سنئو سڌو گھر کان ٽيليوزن براڊ ڪاسٽنگ جو لائسنس ڏنو ويو هي)، ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته مستقبل ڊيجيٽل هنر سان سلهاڙيل وارن جو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ 176 ملين موبائل فون ۽ 60.9 ملين مختلف انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارا شامل آهن. انهن مان 33 ملين فيس بوڪ، 20 لک ٽويٽر استعمال ڪن ٿا جڏهن ته لِنڪداِن جا 6 ملين صارف آهن. موبائل جي استعمال جو هي تعداد ٻڌائي ٿو ته مستقبل ۾ هرفرد وٽ پنهنجو موبائل هوندو. جنهن سان ڊجيٽل هنرجي گھرج رهندي. ڊيجيٽل هنر بنيادي ڳالهين کان علاوه، تعليم جي تناسب جي اڻ هوند ۽ وڌيڪ هنر مندن کان سواءِ ممڪن ناهي. ضرورت ان امر جي آهي ته اسان پاڻ کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي هن هنر جي اهميت ۽ سکڻ جي ڄاڻ ڏيو ته جئين هو ايندڙ ڪنهن وبا جي خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي اثرن کان پاڻ کي محفوظ رکي سگھن. jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو