ڪوهلي کي پاتل ٻه ٽوپيون، ميڊيا ۾ نئون بحث

دبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي  پاڪستان خلاف ميچ ۾ ٻه ٽوپيون پائي آيو، جنهن بابت ميڊيا ۾ بحث پيو هلي ته ڇا هن کي اها صلاح نجومين ڏني هئي؟. پر ساڳئي وقت اهو به چيو پيو وڃي ته هن بالر جي ٽوپي پاتي هئي ڇو ته ڪورونا کانپوءِ حفاظتي اپائن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جنهن موجب بالر امپائر کي پنهنجي ٽوپي نٿو ڏئي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ بالر فيلڊ ۾ موجود پنهنجي ڪنهن به رانديگر کي پنهنجي ٽوپي يا رومال ڏيندو آهي جڏهن ته گهڻي قدر ميچن ۾ ڪپتان جي مٿي تي ئي ٻه يا ٻن کان مٿي ٽوپيون پهريل نظر اينديون آهن.  اهو ئي سبب آهي ته پاڪ ڀارت ميچ دوران ويرات ڪوهلي کي ٻه ٽوپيون پهريل هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو