ڪوهستان ۾ قبضا ڌرتي ڌڻين جو انصاف لاءِ احتجاج

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)ڪوھستاني ماڻھن سان ڌارين ماڻھن جو ناانصافيون توڙي زيادتيون بند ٿي نه سگھيون، مقامي ماڻھن جي ملڪيتن تي طاقت جي زور تي قبضا جاري، ضلعي انتظاميه به ڪو تحرڪ نه ورتو، مقامي ماڻھن پاران پنھنجي ملڪيتن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي قبضاگيرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ تعلقي ٺٽي جي يوسي جھمپير جي ڪوھستاني ڳوٺ گودڙ خان جاکرو جي رھواسي پيرسن جھونجھار جاکرو، سندس پٽن ولي محمد جاکرو، عطا محمد جاکرو، علي نواز جاکرو ۽ ٻين مڪلي تي صحافين کي ٻڌايو ته يوسي جھمپير جي ڪوھستاني علائقي ڪڙيون مڪان ۾ سندن 2 سئو ايڪڙ زمين آھي، جنھن تي ٻين صوبن جي بااثر ماڻھن ڪجھ وقت کان وٺي قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، جيڪي اسانجي پنھنجي زمينن تي به وڃڻ نٿا ڏين. ھنن چيو ته سندن زمينن تي ٿيل قبضن خلاف ٺٽي جي اڳوڻي ڊي سي محمد عثمان تنوير کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون ھيون، جنھن ان وقت انڪوائري ٽيم جوڙي مختيار ڪار ٺٽو جي قيادت ۾ سرزمين جو جائزو وٺي سندن زمين تي ٿيل قبضي جي ڊي سي ٺٽو کي رپورٽ پڻ ڏني ھئي، پر اڃان تائين سندن زمين تان بااثر ڌارين ماڻھن جو قبضو خالي ٿي ناھي سگھيو. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن ڪوھستاني زمينن تي ڌارين بااثر ماڻھن پاران ڪيل قبضو فورن خالي ڪرائي زمينون سندن حوالي ڪري کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪرڻ سميت سندن خلاف سوشل ميڊيا تي جاري ڪردار ڪشي بند ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو