ڪولين جيترا مصنوعي ذهانت وارا روبوٽ تيار

زيورخ(ويب ڊيسڪ)سوئٽزرلينڊ جي مصنوعي ذهانت جي ماهرن اهڙا ننڍا روبوٽ تيار ڪيا آهن جيڪي ڪيولن جيان پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا .انهن ننڍن روبوٽس کي ”ٽرائي بوٽس“ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪي رڳو 10 گرام وزني آهن. ماهرن کي اميد آهي ته انهن ڪِولين جهڙن روبوٽن کي مستقبل ۾ مختلف قسمن جي امدادي ڪارروائين ۾ اهڙيءَ طرح استعمال ڪيو ويندو جو انهن کي ڪنهن به انساني مداخلت يا جي پي ايس وغيره جهڙي نظامن کان مدد وٺڻ جي ضرورت به نه پوندي. جهڙي طرح ڪوليون گڏجي پنهنجي وزن کان وڌيڪ شئي کي کڻي سگهن ٿيون اها صلاحيت هنن ۾ به رکي وئي آهي.  اهي ننڍڙا روبوٽ ڪنهن به قسم جي سطح تي سولائيءَ سان حرڪت ڪري سگھن ٿا ۽ اڳتي وڌي سگھن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو