ڪوسٽر ۾ ڌماڪو 9 چيني انجنيئرز سميت سميت 12 فوت

داسو (ويب ڊيسڪ) برسين ليبر ڪيمپ کان داسو ويندڙ ڪوسٽر ۾ ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 12 فوت ۽ 39ڪيترائي آهن. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته فني خرابي سبب ڪوسٽر کڏ ۾ ڪري پئي ان دوران گيس ليڪ ٿيڻ سبب سلينڊر ڦاٽو ۽ ڏماڪو ٿيو. هن تصديق ڪئي آهي فوتين ۾ 9 چيني انجنيئر به شامل آهن، وڌيڪ جاچ جاري آهي. آءِ جي خيبر پختونخواه موقعي واري هنڌ پهتو آهي، ايئر ايمبوليسن ۽ ريسڪيو 1122 واري به پهچي ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر محمد عارف يوسفزئي جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي طبي امداد لاءِ ايئر ايمبولينس طلب ڪئي هئي. حملي ۾ ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 12 ڄڻا مارجي ويا. وزيراعظم جي مشير بابر اعوان قومي اسمبلي ۾ واقعي جي تصديق ڪندي مطالبو ڪيو ته گهرو کاتي جو وزير ايوان کي بريف ڪري. هوڏانهن چين جي پرڏيهي ترجمان پاڪستان حڪومت تي زور ڏنو آهي ته جاچ مڪمل ڪريو، حفاظتي انٽطام سخت ڪريو. ذريعن موجب ڌماڪي بعد علائقي ۾ موبائيل فون به ڪم نٿا ڪن.  

پهنجو تبصرو موڪليو