ڪوسٽر درياءَ ۾ ڪرڻ سبب 20 ماڻهو فوت 5 زخمي

اسڪردو(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي کان اسڪردو ويندڙ ڪوسٽر درياءَ ۾ ڪرڻ سبب 20 ماڻهو فوت ٿي ويا. بدقسمت ڪوسٽر ۾ 25 مسافر سوار هئا، 5 مسافر ڪوسٽر جي دراءَ ۾ ڪرڻ کان اڳ ٽپا ڏئي هيٺ ڪرڻ سبب سخت زخمي آهن. گلگت بلتستان جي علائقي يلبو لڳ پهاڙي موڙ ڪاٽيندي ڪوسٽر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويو ۽ وڏي اونچائي تان هيٺ درياءَ ۾ ڪري پيو. حادثو فجر مهل پيش آيو، ڪجهه لاش ڪڍيا ويا آهن باقين جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو