ڪوري لنڊ ڪارنهن تڪرار، عدالت ويندي 3 ڄڻا قتل، قاتل فرار

ڏهرڪي/ يارو لنڊ(وجي ڪمار ۽ محبت علي)  کينجهو ٿاڻي جي حد ۾ لنڊ ۽ ڪوري برادرين ۾ پراڻو ڪارنهن تڪرار ڀڙڪي پيو ڪوري برادري جا عدالت ۾ حاضري تي ويندڙ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا. لنڊ برادري سان تعلق رڪندڙ قاتل موقعي تان فرار ٿي ويا. مقتولن ۾ جلال پٽ چاچڙ ڪوري، ڳهڻو پٽ طالب ڪوري ۽ قبول پٽ جيئند ڪوري تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد مٿن سڌيون گوليون هڻي کين بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. جوابدارن مقتولن جي لاشن جي تذليل ڪندي کين رستي تان گهلي ريڻي ڪينال پل ڀرسان کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو. اهڙي واردات بعد خوني جوابدار ٽنهي مقتول جي کيس جو سڄو سامان ڪڍي علائقي مان فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، مقتول سڳا سئوٽ هئا جيڪي اوٻاوڙو عدالت تي حاضري تي وڃي رهيا هئا، ٻن ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، اطلاع تي کينجهو پوليس پهچي لاشن کي ڊاٽس تي رکرائي ڏهرڪي سول اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪوري برادري لاشن کي ڏهرڪي نيشنل هاءِ وي باءِ پاس تي رکي ٽن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ پنجاب ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، ڏهرڪي ٿاڻي جو ايس ايڇ او طفيل ڀٽو ۽ کينجهو ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪوري برادري سان ڳالهيون ڪيون، پوليس جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. مقتولن جي وارثن ٻڌايو ته راڄوڻي ٺاهه لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون ويون پر لنڊ برادري توڙي هنن جي معززين اسان جي هڪ به نه ٻُڌي، بابل ڀيو، سردار محمد بخش مهر ۽ مير شهريارخان شر جي ميڙ منٿ کي به موٽ نه ڏني. هن چيو ته واقعي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن ان باجود کينجهو پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو ناهي هنيو.واضح رهي ته 3 سال اڳ ڪوري برادري جي ماڻهن ڪاروڪاري الزام ھيٺ ڪرم لنڊ کي قتل ڪيوھو، جنھن بعد ڌرين ۾ تڪرار وڌيو ھو ان کان ڪجھ عرصي بعد ڪوري برادري جي ماڻهن اشرف لنڊ کي بہ قتل ڪيو ھو. ڇنڇر تي صبح جو ڪوري برادري جي 3 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جيڪي ڪورٽ حاضري تي وڃي رھيا ھيا. واضح رهي ته ٽي سال اڳ لنڊ برادري جي ماڻهن ڪوري برادري جي عورت مائي حڪيمان کي اغوا ڪيو ھو جنهن تان تڪرار شروع ٿيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو