ڪورين ۽ ٽالپرن ۾ ٺاهه ٿي ويو، خير جي دعا

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) ڳوٺ پراڻي چکي ۾ ڪوري برادري پاران پ پ اڳواڻ ۽ ضلع ڪائونسل حيدرآباد جي ميمبر مير محسن علي ٽالپر کان غير مسروط معافي وٺي تڏو بخشرائڻ بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. سردار بابو ڪوري ۽ ضلع ڪائونسل حيدرآباد جي ميمبر حاجي غلام نبي ڪوري جي ڪوششن سان خير ٿي ويو. ميڙ منٿ جي موقعي تي مير امجد علي ٽالپر  يوسي چکي جي چيئرمين محمد حسن پتافي  وائيس چيئر مين ۽ ڊسٽرڪٽ بار حيدرآباد جي اڳواڻ  ايڊوڪيٽ لال بخش ڀرڳڙي  مير علي غلام ٽالپر لکي ڪوري ابن ڪوري غلام شبير ڪوري  حاجن ڪوري الهورايو ڪوري ۽ ٻيا به موجود هئا. ڪورين اعتراف ڪيو ته اسان کان غلطي ٿي وئي گهرن کي باهه ۽ عورتن کي مارڪٽ جو غلط خبرون هلائي الزام هنيو. اسان مير محسن ٽالپر تي جيڪي به الزام هنيا اهي ڪوڙا من گهرت ۽ بي بنياد هئا. جنهن بعد ڪوري برادري جي ميڙ منٿ ۽ معافي نامو قبول ڪندي مير محسن ٽالپر کين معاف ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڏرين جي چڱن مڙسن ڀاڪر پاتا ۽ خير جي دعا گهري وئي. ان وقت مير زمردٽالپر مير عبدالغني ٽالپر نيشنل پريس ڪلب جو صدر جمالدين عالماڻي مير خدابخش ٽالپر ۽ مير منو ٽالپر به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو