ڪورونا 37 وڌيڪ فوت 5 مهينن بعد هڪ ڏينهن رڪارڊ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ  37 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 5  مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن سڀ کان وڌيڪ ڪيسَ رپورٽ ٿي چڪا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 39هزار076 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 3هزار795 ماڻهن ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته 37 وڌيڪ مريض  ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.سرڪاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 9.71 رهي.سرڪاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پاڪستان ۾ ڪيسن جو تعداد پنجن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ  رڪارڊ ٿيو آهي. ان کان اڳ 3 جولاءِ تي ملڪ ۾ ڪورونا جا 4 هزار 87 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا هئا. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو تعداد 8هزار398 ٿي چڪو آهي ۽ ڪل ڪيسن جو تعداد 4لک20هزار294 تائين پهچي ويو آهي  جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 55هزار354 آهي. ان کان علاوه  24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 1هزار530 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن  جو ڪل تعداد 3لک56هزار542 ٿي ويو آهي. سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک84هزار486 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار019 ڪورونا جا مريض هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک23هزار762 آهي ۽ 3هزار177 مريض ڪورونا  وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ڪورونا وائرس جي مريضن جو ڪل تعداد 17هزار466 آهي ۽ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو  تعداد 169 ٿي چڪوآهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 49هزار676ٿي چڪو آهي  ۽ 1هزار413 مريض وبا سبب  فوت ٿي چڪا آهن  جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7هزار356 ماڻهو ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 181 مريض وائرس سبب  فوت ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار732ٿي چڪو آهي  ۽ 98 مريض فوت ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 32هزار 816 ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت تائين 341  ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو