ڪورونا کا بچاءَ لاءِ آگهي مهم، ماسڪ ۽ صابڻ تقسيم

صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر )ناري فائونڊيشن سکر جي طرفان گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول صالح پٽ جي شاگردياڻين کي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ آگاهي ڏني. ان موقعي تي ماسڪ ۽ صابڻ به ورھايا ويا. انڊس ڪنسورشيم ۽ آڪسفيم جي سهڪار سان ناري فائونڊيشن اسڪولي شاگردياڻين کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاء ماسڪ ۽ صابڻ جو استعمال ڪرڻ جو طريقي ڪار ٻڌايا ڊ.

Photo Sindhyar

سٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر هائير سيڪنڊري حافظ شهاب الدين انڍڙ، ناري فائونڊيشن جي انور علي مهر ، فنڪشنل مسلم ليگ ليڊيز ونگ سکر اڳواڻ ميڊم ڪوثر پروين، اسڪول انچارج مس سونيا، سماجي اڳواڻ رحيم بخش مهر، يونين آف جرنلسٽ صالح پٽ صدر غلام حسين ڀنڀرو، رانجهن شنباڻي شرڪت ڪئي ۽ ضلعي جي تعليمي آفيسر حافظ شھاب الدين انڍڙ ڳالهيندي چيو ته ناري فائونڊيشن جي طرفان گورنمينٽ جي مختلف اسڪولن ۾ ڪورونا وائرس جي بچاء لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته اسڪول جي شاگردياڻين کي محفوظ رهڻ لاءِ بهتر جيڪي اپاءَ ورتا آهن اسان اهڙي عمل کي ڀليڪار ڪيون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو