ڪورونا کان حفاظت لاءِ ڪٽس ڏيو، عملي جو مظاهرو

شاهپورجهانيان )اسد جاني(پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران رورل هيلٿ سينٽر جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي محمد اسماعيل ملاح ، ارشد علي آرائين ، اياز گل ٻگهيو ، ذوالفقار ٻگهيو ، حافظ محمد خان ڪورائي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، هنن چيو ته ڪرونا وائرس بيماري سبب اسان پهرين مورچي تي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي مريضن جي خدمت ڪري رهيا آهيون ، پر هن مهل تائين اسان کي پنهنجي حفاظت لاءِ نه ڪٽون مليون آهن نه ئي ماسڪ ۽ نه ئي وري هينڊ گلوز مليا آهن ، روزانو دلاسا ڏئي رهيا آهن ته توهان کي بچاءَ جو سامان موڪليون ٿا ، پر هن مهل تائين ڪو به سامان نه مليو آهي، ويتر اسان جون پگهارون ڪٽيون ويون آهن ، هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن پنجاب ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ هيلٿ الائونس ڏنو ويو آهي پر سنڌ حڪومت پاران اعلانيل الائونس نه ڏنو ويو آهي ، هنن چيو ته اسان ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون ، هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي ڪرونا وائرس جي بچاءُ وارو سامان ڏنو وڃي ۽ ڪٽيل پگهارون ۽ الائونس ڏئي ڊاڪٽرن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو