ڪورونا کان بچاءَ لاءِ مدي خارج صابڻ جي ورهاست

لاڙڪاڻو (عبدالوحيد  ابڙو) ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ميئر خير محمد شيخ مختلف پاڙن ۾ صابڻ ورهايا، جيڪ چيڪ ڪرڻ بعد مدي خارج نڪتا. هن صحافين جي نشاندهي تي کين ايڪسپائري واري تاريخ ڦاڙي پوءِ صابڻ ڏنا. عوام ۾ ورهايل صابڻن تي 5 سال پراڻي يعني 2016 ۾ مدت پوري ٿيل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميونسپل جي بجٽ مان مختلف دوڪانن تان مدي خارج صابڻ خريد ڪري ورهايا آهن جنهن سبب ڊپ آهي ته ڪورونا سان گڏ الرجي ۾ به ماڻهو وٺجي ويندا. عوام نيب کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو