ڪورونا پاڪستان ۾ 40 فوت، آمريڪا ۽ يورپ ۾ تباهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2691 ٿي ويو آهي ۽ هن وقت تائين 40 ماڻهو مري چڪا آهن. پنجاب ۾ 1069، سنڌ ۾ 830، خيبرپختونخواهه ۾ 343 ، بلوچستان ۾ 175، گلگت 195، اسلام آباد ۾ 68 ۽ ڪشمير ۾ 11 آهن. ملڪ ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 126 آهي. دنيا ۾ ڪورونا جي تباهي جاري آهي ڪل تعداد 11 لک 17 هزار 860کان مٿي آهي، مرندڙن جو انگ 59 هزار 200 کان مٿي ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ پوڻا ٽي لک کان مريض مٿي ٿي ويا آهن. رڳو نيويارڪ جي شهر ۾ هڪ لک کان مٿي مريض آهن. مرندڙن جو انگ 7402 ٿي ويو آهي ۽ گزريل 24 ڪلاڪن ۾ 1500 کان مٿي ماڻهو مري ويا آهن. هڪ ڏينهن ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ دنيا ۾ ڪٿي به فوتگيون ناهن ٿيون. فوتگين جي حوالي سان اٽلي پهرين نمبر تي آهي جتي 14681 ماڻهو مري چڪا، ٻئي نمبر تي اسپين ۾ 11198 مئا، ٽئين نمبر تي آمريڪا ۽ چوٿين نمبر تي فرانس آهي جتي 6507 ماڻهو مئا آهن ۽ پنجين نمبر تي برطانيه آهي جتي چين کان به وڌيڪ 3605 ماڻهو مري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو