ڪورونا وبا، گوگل پاران 80 ڪروڙ جي امداد جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوگل ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 80 ڪروڙ ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. گوگل ۽ الفابيٽ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽو سندر پچائي گذريل ڏينهن اهڙو اعلان ڪيو. هن چيو ته 80 ڪروڙ جي امداد مان 25 ڪروڙ جي ايد گرانٽ ڊبليو ايڇ او ۽ حڪومتي ايجنسيز کي سهولت ملندي. هو مفت گوگل تي اشتهار هلائي سگهندا. جڏهن ته 20 ڪروڙ ڊالر انويسٽمينٽ فنڊ لاءِ هوندا ۽ اها رقم متاثر ٿيندڙ ننٺن ڪاروبارن جي مدد لاءِ استعمال ٿيندا. گوگل جو چيف جيڪو ڀارتي نزاد آمريڪي آهي، تنهن وڌيڪ چيو آهي ته هو 20 لک کان 30 لک فيس ماسڪ تي خرچ ڪندي. 34 ڪروڙ ڊالر ڪلائوڊ ۽ گوگل ايڊ ڪريدٽس جي سهولت ڏيندي جن مان 20 ڪروڙ ڊالر جا ايڊ ڪريڊٽ تحقيقاتي ادارن ۽ تعليمي ادارن کي ملندا. گوگل پنهنجي ملازمن کي هر سال ساڍا ست هزار ڊالر تحفي م ڏين واري رقم وڌائي 10 هزار ڊالر ڪرڻ جو به اعلا ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو