ڪورونا وائرس سکر ڪيمپ ۾ مريضن جو گوڙ نعريبازي

سکر (جيرام داس ) شيعا اڳواڻن کي ڪورونا وائرس جي مريضن جي ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ تي قرنطينه منتقل ٿيل زائرين ٻاهر نڪري آيا، احتجاج ڪندي انتظاميه خلاف نعربازي ڪئي. ڪورونا جي شڪي ۽ تصديق ٿيل زائرين احتجاج شروع ڪيو ته انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. شيعا اڳواڻن ساڻن ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ تفتان سرحد کان منتقل ٿيل زائرين کي ٻيهر قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي. تافتان سرحد کان سکر منتقل ٿيل زائرين کي ملندڙ سهولتن جي حوالي سان جائزو وٺڻ لاءِ شيعا علماءَ ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ رضاڪارن کي انتظاميا ليبر ڪالوني ۾ قائم ٿيل قرنطينه سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. جنهن بعد قرنطينه سينٽر ۾ رکيل ڪورونا وائرس جي مريضن توڙي شڪي ماڻهن احتجاج ڪيو.

جنهن دوران مڇريل ماڻهو قرنطينه سينٽر مان ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو قرنطينه جو در کولي ٻاهري نڪري ويا. اُن موقعي تي پوليس ۽ اتنظاميا سان زائرين جي منهن ماري به ٿي، جنهن بعد انتظاميا شيعا اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ زائرين کي ٻيهر قرنطينه سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته واقعو افسوسناڪ آهي جاچ ڪرائي ذميوران کي سزا ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو