ڪورونا وائرس سبب 12 ڄڻا وڌيڪ فوت، مريضن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 1123 نوان ڪيس ظاهر، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 6 هزار 835 ۽ متاثرن جو انگ 3 لک 35 هزار 93 ٿي ويو، ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 13 هزار 242 ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 4 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي وڇڏيون، 480 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ هڪ لک 46 هزار 331 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا نوان انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو آهر ته ڪراچي ۾ 367، حيدرآباد ۾ 25 ۽ ميرپور خاص ۾ وڌيڪ 12 ڄڻا وائرس جو شڪارٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو