ڪورونا وائرس سبب دنيا ۾ 6 لک کان مٿي ماڻهو فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب مرندڙن جو انگ 6لک 6هزار  700 کان مٿي ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 46 ماڻهن جي مرڻ بعد انگ 5568 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ گزريل 24 ڪلاڪن ۾ 19 مريض فوت ٿيا آهن.سنڌ صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 889 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين 113007 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 7977 ٽيسٽ ڪيا ويا، نتيجي ۾ 889 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن وقت 642848 ٽيسٽ ڪيا ويا، هن وقت صوبي ۾ 113007 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، وڏي وزير جو چوڻ هو ته 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض فوت ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾ ڪورونا جا 395 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 59 ۽ گهوٽڪي ۾ 42 ڪيس رپورٽ ٿيا ، ميرپورخاص ۾ ڪورونا جا 32 ۽ خيرپور ۾ 25 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته عوام جي سهڪار سان ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي سگهون ٿا، آئون چاهيان ٿو ته عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ياد رهي ته دنيا ڀر ۾ هڪ ڪروڙ 45 لک کان مٿي مريض آهن جن مان 86 لک 65 هزار 900 کان مٿي شفاياب ٿيا آهن. وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي تعداد جي حساب سان آمريڪا، برازيل ۽ انڊيا ترتيبوار ٽاپ ٿري ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو