ڪورونا وائرس جي علاج لاءِ ويندڙ کي پوليس موٽائي ڇڏيو

پيرجوڳوٺ(ن س) چين کان پيرڳوٺ پهتل نوجوان شاهزيب راهوجو ڪورونا وائرس جي خدشن سبب پنهنجي مدد پاڻ هيٺ علاج لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو هو ته ملتان پوليس کيس روڪي واپس ڪري ڇڏيو. جنهن بعد نوجوان کي مائٽن گمبٽ اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي. جتي سندس ٽيسٽون نه ٿيڻ سبب وارث پريشان آهن. 3 ڏينهن اڳ چين کان نوجوان شاهزيب راهوجو پنهنجي ڳوٺ مگرجي پهتو هو. هن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي جي هيلٿ ۽ ڊي سي خيرپور سهولتون ڏيڻ ۽ تنهائي واي وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر ان تي عمل ناهي ٿيو. وائرس جي خدشن سبب صحت کاتي خيرپور جي ٽيم ڊاڪٽر امتياز ميتلو، ڊاڪٽر درمحمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نواب مهيسر ڳوٺ مگرجي پهچي ڳوٺ جي رهواسين ۽ گھرڀاتين کي احتياطي تدبيرون ٻڌايون ۽ ڄاڻ ڏني هئي. ڊاڪٽرن امتياز ميتلو ۽ ٻين چيو ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي علائقي واسين کي منهن تي ماسڪ پائڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو