ڪورونا وائرس جي دنيا ۾ ڦهلاءَ ۾ تيزي، 19650 فوت ٿي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 1016 ٿي ويا آهن هڪ ماڻهو مرڻ سبب مرندڙن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. دنيا ۾ 25 مارچ تي مقامي وقت شام 6 وڳي تائين دنيا م مرندڙن جو انگ 19650ٿي ويو آهي. وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد 438213 ٿي ويو آهي جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 111860 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسپين 443، ايران ۾ 143، بيلجيم ۾ 56، سوئزلينڊ ۾ 23، جرمني ۾ 20 ماڻهو مري ويا آهن. پرتگال ۾ 10، آمريڪا 5 ۽ چين ۾ 4 ماڻهو فوت ٿيا آهن. سنڌ ۾ 3 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ڪراچي ۾ جنهن بعد صوبي ۾ 413 ڪيس ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ 14 صحتياب ۽ هڪ فوت ٿيو آهي. پنجاب ۾ 16 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 312 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس وارن جو انگ 115 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه، گلگت ۽ اسلام آباد ۾ به هڪ هڪ نئون ڪيس سامهون آيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪل تعداد 78، گلگت ۾ 81، اسلام آباد 16 ۽ ڪشمير ۾ هڪ ڪيس آهن. هوڏانهن چين جي آن لائن ڪمپني علي بابا جي مالڪ جيڪ ما پاران پاڪستان لاءِ اعلانيل 5 لک ماسڪ ۽ 5 هزار ڪورونا ٽيسٽ ڪٽس پاڪستان پهچي ويون آهن. خصوصي جهاز چين مان امدادي سامان کڻي ڪراچي پهچي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيني قونصل جنرل سامان وصول ڪيو. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته اهو سامان سڄي ملڪ ۾ ورهايو ويندو ۽ سنڌ جي حصي ۾ جيڪو ايندو اهو سنڌ ۾ استعمال ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو