ڪورونا وائرس آمريڪا ۽ يورپ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، ضابطو نه آيو

واشنگٽن (ويب ديسڪ) ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو دنيا ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 5 لک 97 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته مرندڙن جو انگ 27 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ چين کان به گهڻو وڌي ويو آهي. سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ وائرس وارن ماڻهن جو ملڪ بڻجي ويو آهي. جڏهن ته فوتگين ۾ اٽلي پهرين نمبر تي آهي. آمريڪا ۾ 104205 مريض ٿي ويا آهن ۽ مرندڙن جو انگ 1700 کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته چين ۾ انهن جو تعداد 81340 آهي. اٽلي ۾ 86498 مريض آهن مرندڙن جو انگ 9134 ٿي ويو آهي. وائرس سبب فوتگين جي حساب سان ٻئي نمبر تي اسپين آهي جتي 5138 ماڻهو فوت ٿيا آهن. پاڪستان ۾ مرندڙن جو انگ 11 ٿي ويو آهي جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 1373 ٿي ويو آهي. دنيا ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 6 لک جي ويجهو پهچي ويوآهي ۽ مرندڙن جو تعداد 27365 ٿي ويو آهي. برطانوي وزيراعظم ۽ صحت جي وزير کي به وائرس ٿي وئي آهي. عمران خان کي وائرس ٿيڻ جي حڪومت ترديد ڪئي آهي. اٽلي ۾ 101 سالن جو بزرگ صحتياب ٿيو آهي. ڪالهه هڪ ڏينهن م اٽلي ۾ 919 ماڻهو فوت ٿيا هئا، آمريڪا ۾ 401، اسپين ۾ 773، فرانس ۾ 299، برطانيا ۾ 181، ايران ۾ 144، جرمني ۾ 84 ۽ سوئزلينڊ ۾ 39 ماڻهو صرف ڪالهوڪي هڪ ڏينهن ۾ فوت ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو