تهران (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب ايراني پرڏيهي وزير جو مشير ۽ سينئر سفارتڪار حسين شيخ السلام ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي. ايران جي خابرو اداري ارنا موجب ملڪ ۾ وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ۽ 6 سرڪاري عملدار ۽ سياستدانن سميت 107 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن. ايران ۾ 3513 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. حڪومت شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرنسي نوٽن جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪريو، ڇو ته اهو به وائرس ڦهلائڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو. شيخ الاسلام انهن شاگردن مان هڪ هو جن 1980 ۾ 52 آمريڪي سفارتڪارن جو 444 ڏينهن تائين گهيراءُ ڪيو هو. هو شام ۾ سفير رهيو ۽ نائب وزير خارجه هو. ايران ۾ تعليمي ادارا بند آهن، سرڪاري ۽ نجي آفيسز ۾ ڪم ڪار محدود ڪيو ويو آهي. هوڏانهن برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي انسانن تي آزمائش ايندڙ مهيني شروع ٿيندي. دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن مهل تائين مرندڙن جو انگ 3600 ٿي ويو آهي ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن. پاڪستان ۾ وائرس متاثرين جو انگ 6 ۽ ڀارت ۾31 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۽ سنڌ ۾ نئون ڦڏو، آخر غلط فيصلا ڇو؟
غزه تي اصولي موقف تي پاڪستان جي ساراهه ڪريان ٿو: ايراني صدر
قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪيس، اعظم سواتي جي ضمانت ڪنفرم
وڌيڪ ٻه ٽي سال گذري ويا ته نيب کان پينشن وٺڻي پوندي
خان هن مهيني جي آخر تائين جيل مان آزاد ٿي ويندو
گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس آسان ناهي، سياسي حل ڳولڻو پوندو: تارڙ
گهوٽڪي ۾ ڪمند پوکڻ تي پابندي لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري
پاڪستان جي آئي ٽي ايڪسپورٽ ۾ 339 ملين ڊالرن جو رڪارڊ اضافو
پنجاب ۾ اڄ کان 29 اپريل تائين تيز برسات جو امڪان
آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي وارو پروگرام ضروري آهي: اورنگزيب
ايراني صدر جي ڪراچي آمد جي موقعي تي شهر ۾ تياريون
ايران سان واپاري معاهدن تي پابندين جي خطري کان آگاهه رهن
پي ايس ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي تي بابر اعظم لاءِ قيمتي تحفو
لطيف سائينءَ وٽ ماروئڙن سان محبت جو اظهار.!
اداڪاري لاءِ کيس منهن جي ڊمپلز سبب چونڊيو ويو: فيصل رحمان
اڄوڪي-اخبار-2024-04-23
اڄوڪي-اخبار-2024-04-23
هاڻ ڪا ايمنسٽي اسڪيم نه ايندي، ٽيڪس ڏيڻو پوندو: محمد اورنگزيب
ننڍي چونڊ ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان
سنڌ صوبي ۾ متبادل توانائي جا ذريعا لامحدود آهن، ناصر شاهه