ڪورونا مرڪز ۾ وري ڀڃ ڊاهه پوليس خاموش تماشائي

سکر (جيرام داس) ڪرونا وائرس سبب سڄي سنڌ سميت  سکر ۾ ستين ڏينهن به مڪمل لاڪ ڊائون جاري آهي.ڊي جي هيلٿ ڪورونا وائرس ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو. هن پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي بابت رپورٽ پڻ  معلوم ڪئي. گذريل رات تفتان بارڊر تان ٻن ڪوچز ذريعي پهتل 59 شڪي ڪرونا مريضن جي آچر تي ٽيسٽ ورتي وئي. گذ ريل ڏينهن 28 مريض جن جي اڳ ۾ ٽيسٽ ناڪاري آئي هئي ۽ بعد ۾ احتياط نه ڪرڻ سبب هاڪاري ٿي وئي، انهن مان مٽياري واسڻ عورت ٽيسٽ مثبت اچڻ باوجود گهر وڃڻ لاءِ انتظاميا سان جهيڙو ڪري ڏنو، عورت سينٽر اندر ڊاڪٽرن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ کين ڪرسيون هنيون، هڪ ڊاڪٽر زخمي ٿي پيو آهي. عورت سان گڏ ٻين متاثر ماڻهن به ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سينٽر اندر ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. هنگامي دوران پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي ۽ ڪو به قدم نه کنيو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به قرنطينه سينٽر سکر ۾ مذهبي عالمن جي آمد دوران هنگامو ٿيو هو. ايم ايس سکر سول اسپتال ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي موجب سکر سينٽر تي ڪورونا متاثرن جو انگ 293 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ٻن قسطن ۾ ساڍا ست سو ماڻهو گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو