ڪورونا سنڌ ۾ 41 حياتيون ڳڙڪائي ويو، وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 41 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو ٽوٽل انگ 3060 تائين پهچي ويو آهي ۽ 12442  نوان ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1726 ٻيا مثبت ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ 186212 ٿي ويو آهي. وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ عبدالرشيد چنا موجب سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ فوتگين جي شرح 1.7 سيڪڙو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب 24 ڪلاڪن اندر 41 فوتگيون صوبي ۾ هيل تائين جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 12442 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1726 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪو موجوده تشخيصي شرح جو 13.9 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2076519 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 186212 مريض ظاهر ٿيا جن مان 87 سيڪڙو يعني 160933 صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر صحتياب ٿيندڙ 1352 مريض پڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 22219 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي جن ۾ 21350 گهرن ۾، 12 آئسوليشن مرڪزن ۽ 857 مختلف اسپتالن ۾ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت 76 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن ۾ 76 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه موجب 1726 نون ڪيسن مان 1484 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 584، ضلع اوڀر 455، ضلع ڪورنگي 256، ضلع سينٽرل 164، ضلع ملير 80 ۽ ضلع اولهه 71 شامل آهن. حيدرآباد 43، ٺٽو 20، ڄامشورو ۽ سانگهڙ 16-16، نوشهروفيروز 14، عمرڪوٽ ۽ گهوٽڪي 12-12، ٽنڊو الهيار ۽ بدين 10-10، مٽياري ۽ شڪارپور 9-9، سجاول 8، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد 6-6، جيڪب آباد 5، ميرپورخاص ۽ سکر 3-3 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ رپورٽ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو