ڪورونا سبب50 وڌيڪ فوت 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 50 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 42هزار596 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 3هزار047 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي  جڏهن ته وائرس سبب 50 وڌيڪ مريضجوت ٿي ويا. سرڪاري پورٽ موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 7.1 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 8هزار653 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل 4لک32هزار327 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 44هزار582 آهي.ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 4هزار791 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتمند ٿيندڙن جو ٽوٽل تعداد 3لک79هزار092  ٿي چڪو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک91هزار246 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته 3هزار109 مريض هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک25هزار897 آهي ۽ 3هزار284 مريص وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار650 آهي ۽ فوتين جوتعداد 173 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 51هزار172  اهي ۽ 1هزار450 مريضفوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7هزار578 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 186 مريص فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ڪيسن جو ڪل تعداد 4هزار770 ٿي چڪو آهي  ۽ 98 ڪورونا مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد 34هزار014 ٿي چڪوآهي ۽ 353 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو