ڪورونا سبب 37 مريض فوت، هزار کان مٿي صحتياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 37 مريض فوت ٿي ويا آهن. وبا وگهي فوتين جو مجموعي تعداد 22 هزار 848 ٿي ويو آهي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 40 هزار 805 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2 هزار 145 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران وبا جي پکيڙ جي شرح 5 ڏهائي 25 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب مجموعي ڪيسز 9 لک 93 هزار 872 تائين پهچي ويو، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1029 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو انگ 9 لک 21 هزار 95 ٿي ويو ۽ فعال ڪيسز جو انگ 49929 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو