ڪورونا سبب 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 40 مريض فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 ماڻهو فوت ٿي ويا، هڪ هزار 37 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 46 هزار 145 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان هڪ هزار 37 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي. ويب سائيٽ اپ ڊيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 2.2 سيڪڙو رهي، ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا کان فوتين جو انگ 22321 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز 9 لک 58 هزار 408 تائين پهچي ويو، هن کان سواءِ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 836 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 9 لک 4320 ٿي ويو جڏهن ته ملڪ ۾ هن مهل به فعال ڪيسز جو تعداد 31 هزار 767 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو