ڪورونا سبب 20 مريض فوت، وبا جي ڦهلاءَ ۾ واڌ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ ۾ واڌ جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 20 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.جن مان 3 گهرن ۾ ۽ 17 اسپتالن ۾ داخل هئا. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 78 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 11 هزار 864 ٿي ويو آهي. هيل تائين ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جو انگ 6 هزار 795 ٿي چڪو آهي. خميس تي سڄي ملڪ ۾ 32933 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11504، پنجاب ۾ 11432، ڪي پي ۾ 3211، اسلام آباد ۾ 5229، گلگت 355، بلوچستان 603 ۽ ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو