ڪورونا سبب 12 فوت، يورپ ۾ ٻئي لهر سبب لاڪ ڊائون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 647 نوان ڪيس ظاهر، نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 6 هزار 727 ٿي ويو ۽ ايڪٽو ڪيسن جو انگ 10 هزار 235 آهي.ياد رهي ته يورپ ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر تباهي مچائي ڇڏي آهي، اٽلي، فرانس ۽ اسپين ۾ ڏينهن جو سخت لاڪ ڊائون ۽ رات جو ڪرفيو لاڳو ڪيو وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو