ڪورونا سبب 11 ماڻهو وڌيڪ فوت، انگ 6806 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ جاري، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 807 نوان ڪيس سامهون اچي ويا آهن. جنهن بعد متاثر جو انگ وڌي 3 لک 32 هزار 993 ٿي ويو،اين سي او سي موجب ملڪ ۾ هيل تائين فوتين جو انگ 6 هزار 806 ٿي ويو آهي.ياد رهي ته ڪورونا جي ٻئي لهر دوران امريڪا ۽ يورپ ۾ وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو