ڪورونا سبب ملڪ ۾ 13 ماڻهو فوت 11 جو تعلق سنڌ سان آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جن مان 11 ڄڻا سنڌ ۾ فوت ٿيا آهن. ان بعد ملڪ ۾ وائرس سبب مرندڙن جو انگ 5853 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد سومر 27 جولاءِ تي ڪل مريضن جو انگ 274802 ٿي ويو آهي. فوتين مان سنڌ ۾ 2162، پنجاب ۾ 2116، خيبرپختونخواهه ۾ 1187،  اسلام آباد ۾ 164، بلوچستان ۾ 136، آزاد ڪشمير ۾ 49 ۽ گلگت ۾ 48 ماڻهو مري چڪا آهن. هن مهل تائين 1868180 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. صحتياب ٿيندڙن جو انگ 241026 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو