ڪورونا سبب عالمي اڏامون معطل، ملڪ ۾ انگ 693 ٿي چڪو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت 21 اپريل تي رات 8 وڳي کان 4 اپريل تائين عالمي اڏامون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت مشير معيد يوسف چيو ته اهو هڪ مشڪل فيصلو آهي جيڪو وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٿيل اجالس ۾ ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا 198 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ملڪ ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 693 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 359، پنجاب ۾ 137، بلوچستان مان 107 ۽ خيبرپختونخواهه 27، اسلام آباد 10 ۽ گلگت ۾ 55 ۽ ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. پاڪستان م 3 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿيا آهن ٻه خيبر پختونخواهه ۽ هڪ سنڌ ۾ فوت ٿيا. دنيا ۾ وائرس سبب 185 ملڪ متاثر ٿيا آهن ۽ متاثر ماڻهن جو انگ پوڻا ٽي لک کان وڌي ويو آهي ۽ مرندڙن جو انگ 11 هزار 400 کا مٿي ٿي ويو آهي. اٽلي ۾ سڀ کان وڌي موت واقع ٿيو آهي هن مهل تائين 4032 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. چين جي سخت متاثره شهر ووهان ۾ ٽن ڏينهن ۾ هڪ به نئون ڪيس سامهون ناهي آيو. آمريڪا ۾ هر پنجون شهري گهر ۾ رهڻ تي مجبور آهي، انڊيا ۾ ماسڪ جي قيمت 8 کان 10 روپيا ۽ 200 ايم ايل واري هٿ ڌوئڻ جو لوشن 100 روپين ۾ ملندو، حڪومت چيو آهي ته جيڪو وڌيڪ قيمت وٺندو ان کي سزا ملندي. ياد رهي ته چين جي شهر ووهان م نومبر 2019 ۾ پهريون ڀيرو وائرس ظاهر ٿيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڪيس 26 فيبروري تي سامهون آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو