ڪورونا سبب اڄ کان پنجاب ۾ سڀ مارڪيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت ڪورونا کي روڪڻ جي لاءِ 10 ڏينهن جي لاءِ لاڪ ڊائون ڪندي سڀ مارڪيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ پنجاب ۾ سمورا مارڪيٽ اڄ رات کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بازارون بند ڪرڻ جي تجويز صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ڏني جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو ۽ پنجاب حڪومت جي ڪورونا کان بچاءُ واري ڪابينه ڪميٽي ڪورونا جي فيصلي جي منظوري ڏني. جڏهن ته سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڪيپٽن(ر) محمد عثمان اڄ نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. عيدالاضحيٰ تي سير ۽ سياحت جي لاءِ ٻين شهرن ۽ صوبن ۾ وڃڻ تي پابندي به غور هيٺ آهي ۽ مال پڙين جا وقت به محدود ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو