ڪورونا رسڪ الائونس جون بدران اپريل کان ڏيو

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر)پيرا ميڊيڪل اسٽاف آر پي۔2076 جي صوبائي چيئرمين اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو ۽ ڊويزنل صدر جي رورل ھيلٿ سينٽر ڳڙھي ياسين جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ضلع شڪارپور جو صدر بشير احمد لاشاري جنرل سيڪريٽري جي ايم ابڙو پڻ موجود ھئا ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ۽ صحت کاتي سان جيڪي معاملا طئي ٿيا هيا انهن ۾ ڪورونا رسڪ الائونس مارچ يا اپريل کان ڏنو ويندو، ان تي فوري طور عمل ڪيو وڃي،هنن چيو ته هن وبائي صورتحال ۾ پيرا ميڊيڪل عملو ڊاڪٽرن سان شانه بشانه فرنٽ لائين تي ڪم ڪري رهيو آهي. بعد ۾ متفه طور پيرا ميڊيڪل اسٽاف تعلقي ڳڙھي ياسين جي چونڊ ڪئي وئي جنهن ۾ تعلقه صدر محمد يوسف پنهور ۽ جنرل سيڪريٽري حب علي مهر کي چونڊيو ويو۔ان موقعي تي منور راهوجو۔عبدالغني انڙ ۔ عابد حسين مهر۔عبدالله راهوجو۔محمد سومر ۔صدرالدين اڍو۔واجد شاه۔عبدالغفار شيخ ۽ ٻين آيل مهمانن کي اجرڪون ۽ گلن جا هار پارايا ۽ چونڊجي آيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو